طالب لغاري

طالب لغاري

طالب لغاري

طالب لغاري: مشهور سرائيڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي شاعر طالب لغاريءَ جو اصل نالو محمد علي ولد امام علي خان لغاري هو. سندس جنم 12 نومبر 1928ع تي ڳوٺ حاجي خان جوهي، ضلعي دادو ۾ ٿيو. سندس تعليم سنڌي فائينل هئي. طالب عملي زندگيءَ جي شروعات روهڙي ڪئنال جي پڇڙي تي واقع عالماڻي ريگيوليٽر تي بيلدار سان ڪئي. 1951ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. پر ڪجهه وقت بعد کيس جبري لاٿو ويو. 1953ع دوران ٻيهر تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ 31 ڊسمبر 1987ع تي رٽائر ٿيو. طالب لغاري جي ڪيتري ئي شاعري پڙهندڙن ۾ مقبوليت ماڻي. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’مرڪ تسا ڏي لڙڪ اسان ڏي‘، (2) ’دانهون درد فرق جون‘، (3) ’ديوان طالب‘ قابل ذڪر آهن. هن 22 آگسٽ 2015ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ طالب لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.11.12  عيسوي

طالب لغاري جو جنم 12 نومبر 1928ع تي ڳوٺ حاجي خان جوهي، ضلعي دادو ۾ ٿيو.


2015.08.22  عيسوي

طالب لغاري 22 آگسٽ 2015ع ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم شاهه صوفي
پلي طالب
راضي فقير رند
علي نواز ڏاهري
امتياز دانش
شاهه علي محمد
جويو خاڪي
اڪبر ساگر
سعدي شيرازي
مير عبدالحسين خان ٽالپر سانگي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون